صهبا اختر

صهبا اختر

صهبا اختر

صهبا اختر: پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جو ناميارو شاعر صهبا اختر، 30 سيپٽمبر 1931ع تي سري نگر، ڪشمير ۾ ڄائو هو. سندس خاندان جو تعلق امرتسر سان هو. سندس والد منشي رحمت علي پنهنجي دؤر جو بهترين شاعر ۽ ڊراما نويس طور مشهور هو. صهبا اختر بريليءَ مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، پر تعليمي سلسلو جاري نه رکي سگهيو. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهيو. جتي هن اسلاميه ڪاليج ۾ داخلا ورتي، پر مالي وسيلن جي ڪميءَ سبب تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. 1952ع ۾ خوراڪ کاتي ۾ بطور انسپيڪٽر ڀرتي ٿيو. 1987ع ۾ دل جي تڪليف سبب وقت کان اڳ ‘راشننگ ڪنٽرولر’ جي عهدي تان رٽائر ٿيو. صهبا اختر شاگرديءَ واري دؤر کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن نظم، گيت، دوها، قطعا، وطن جا گيت ۽ غزل کان سواءِ شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. هي بطور شاعر ريڊيو سان منسلڪ رهيو. سندس لکيل ملي نغمو ‘مين ڀي پاڪستان هون، تُو ڀي پاڪستان هي’ تمام گهڻو مشهور ٿيو. هن فلمن لاءِ بيشمار گيت لکيا، جيڪي گهڻو مشهور ٿيا. هي مشاعرن ۾ پنهنجي شاعري ترنم واري انداز ۾ پڙهندو هو. سندس حياتيءَ ۾ شاعريءَ جا چار مجموعا شايع ٿيا. جن ۾ ‘سرڪشيده’ (1977ع)، ‘اقراء نعتيه ڪلام’ (1981ع)، ‘سمندر’ نظم (1984ع) ۽ ‘مشعل’ (1985ع)، ان کان علاوه سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ‘خزينه’ (غزلن جو مجموعو)، ‘ارڙنگ’، ‘جل ترنگ’ (دوها) ۽ نثر ۾ لکيل آتم ڪٿا ‘سرگزشت صهبا’ شامل آهن. 1996 ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران کيس صدارتي اوارڊ سان نوازيو ويو. هن 19 فيبروري 1996ع ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال جي قبرستان ۾ دفن ڪيوويو. ڪراچيءَ ۾ سندس نالي پٺيان صبها اختر روڊ ۽ هڪ لائبرري پڻ منسوب ڪئي وئي آهي.


لفظ صهبا اخترھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.09.30  عيسوي

صهبا اختر، 30 سيپٽمبر 1931ع تي سري نگر، ڪشمير ۾ ڄائو هو.


1996.02.19  عيسوي

صهبا اختر،19 فيبروري 1996ع ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال جي قبرستان ۾ دفن ڪيوويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳوان نردوش
پلي راڄ محمد
بدر شاهه
عبدالواسع ’عبد‘ سُھندڙو
سيد باغن شاهه:
سچل سرمست
آنند پرڪاش مهاتما
افتخار عارف
حاجي حقير ابن مڱڻ
ايم ڪمل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون